امين ٿيٻو

امين ٿيٻو

امين ٿيٻو

امين ٿيٻو: مشهور شاعر، اديب ۽ زرعي ماهر، محمد امين ولد موليڏنو ٿيٻو، 6 مارچ 1952ع تي ڳوٺ موري منگر تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مڊل تائين تعليم مشهور مدرسي ڀينڊي شريف ۾ پڙهيو ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ماتليءَ مان ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو ڪري لکڻ شروع ڪيائين. مئٽرڪ بعد سنڌ زرعي ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) ٽنڊي ڄام مان پنج سال ڪورس پاس ڪري گرئجوئيشن ڪيائين. شروعات ۾ زرعي تحقيقاتي اداري ميرپورخاص ۾ سال ريسرچر طور ملازمت ڪيائين. ايم. ايس. سي (زرعي اقتصاديات) ڪرڻ کانپوءِ ’انٽگريٽيڊ رورل ڊولپمينٽ‘ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. هي ادارو
شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي دؤر ۾ قائم ٿيو هو ۽ پوءِ ضياءُ الحق جي دور ۾ ختم ڪيو ويو. امين ٿيٻو بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري زراعت کاتي ۾ اسسٽنٽ اسٽيٽسٽيڪل آفيسر ٿيو ۽ اتان ترقي ڪري ’ڪراپ رپورٽنگ سروس‘ جو ڊائريڪٽر ٿيو. امين ٿيٻي شروعات ۾ ’هلال پاڪستان‘ جي ٻاراڻي صفحي ۾ لکيو. شيخ اياز جي شاعريءَ کان متاثر ٿي انقلابي شاعري ڪيائين. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاعري ۽ مضمون ڇپيا. هن سائنس سوسائٽي'>سنڌ سائنس سوسائٽي جي ’سائنس‘ مخزن ۾ ڪيترا سائنسي تحقيقي مضمون پڻ لکيا.
هن اشرف سيال سان گڏ جي هڪ ڪتاب ’وينگس‘ ڇپايو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي ڄام جي قيام لاءِ مشهور اديب ۽ صحافي سيف ٻنويءَ سان گڏجي ڪوششون ورتائين. موري منگر سنڌي ادبي سنگت شاخ جي باني ميمبرن مان آهي ۽ ان جو سيڪريٽري به رهيو. سندس دؤر جي گڏجاڻين ۾ محمد خان مجيدي، مومن مليرائي ۽ مسڪين ملاڪاتياريءَ جهڙا وڏا شاعر اڪثر شريڪ ٿيندا هئا. امين ٿيٻو، سنڌي ادبي سنگت جو 1983ع ڌاري مرڪزي آڊيٽر به رهيو آهي، ۽ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ٽيم ميمبر طور مواد مهيا ڪندو رهي ٿو.


لفظ امين ٿيٻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.03.06  عيسوي

مشهور شاعر، اديب ۽ زرعي ماهر، محمد امين ولد موليڏنو ٿيٻو، 6 مارچ 1952ع تي ڳوٺ موري منگر تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير ابراهيم شاهه، رام ٻاراهو
شاهه قطب الدين محمد بن شاهه محمود بن شاهه طيب هروي
مراد علي شر
پراڻناٿ
بشير احمد بشير
ارباب علي مسافر شيخ
رحيمداد راهي
سلطان باهو
آخوند عبدالقادر بيدل
پلي سالار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون